انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر

انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر (اخبار ):هن نالي سان سن 1910ع ۾ شڪارپور مان هڪ هفتيوار اخبار کيئل رام ايلداس آهوجا جي ادارت ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ جاري ٿي. هي اخبار ”لڪشمي پريس“ شڪارپور ۾ ڇپجندي هئي. 1914ع کان هن اخبار کي ٽيڪچند ويرومل گوڪلاڻيءَ پنهنجي ادارت ۾ هلايو، اهڙيءَ طرح وري 1915ع کان وشنداس پنجومل ڀاٽيا ايڊيٽر ٿيو. شروع ۾ هن اخبار جي پاليسي واپار کي هٿي ڏيڻ هئي، پر پوءِ پهرين عظيم جنگ جي ڪري ملڪي ۽ عالمي سياست تي خبرون ۽ مضمون شايع ڪندي رهي. ان جي ڪجهه سالن کانپوءِ هي اخبار بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو